بحر العميق

بحر العميق

بحر العميق

بحر العميق (ڪتاب ): هي ڪتاب سنڌ جي صوفي شاعر سيد چيزل شاهه قادر يءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب آهي، جيڪو حڪيم اعجاز حسين چانڊيي ترتيب ڏيئي، روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن کان اڳ ”بحر العميق“ جا ٽي ڇاپا 1987ع 2001ع ۽ 2004ع ۾ ڇپجي چڪا آهن، پهريون ڇاپو فتح چند ڪنيا لعل ڪارڙا جيڪب آباد واري ڇپايو هو، ٻيو ڇاپو به انهيءَ عقيدتمند ڇپرايو هو ۽ ٽيون ڇاپو پڻ ساڳئي ئي شخص ڇپائي پڌرو ڪيو هو. جڏهن ته هي چوٿون ڇاپو نئينءَ ترتيب سان سنواري سڌاري، روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران شايع ڪيو ويو آهي. هن 269 صفحن واري ڊيمي سائيز ڪتاب جي قيمت 150 رپيا آهي، هن ڪتاب جي سر ورق تي سيد چيزل شاهه جي روشني جي تصوير ڏنل آهي، جڏهن ته اندرين صفحن ۾ سيد رکيل شاهه، سيد چيزل شاهه ۽ سيد صادق علي شاهه صوفيءَ جون رنگين تصويرون ڏنل آهن.


لفظ بحر العميقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو